پرين پالاري

پرين پالاري: پرين پالاري نامور دنبوري نواز ٿي گذريو آهي. هيءُ بنيادي طور مالوند هئڻ باوجود خانه بدوش هو. سندس والد رتو پالاري به مشهور دنبوري نواز هو. هن دنبوري وڄائڻ جي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. جڏهن ته رڌم، راڳ ۽ لئه جي سکيا سچل درس کان ورتائين. هن پنهنجي ليکي دنبوري تي ڪيترائي ڪامياب تجربا ڪيا. هن دنبوري جي ٽن تارن کي وڌائي سرگم جي حساب سان ست سر ۽ ٽي وڌيڪ سر ملائي ڏهه سر لڳائي ڳائڻ جو تجربو ڪرڻ سميت معذوري، سامونڊي، ڪوهستاني لهرا ۽ راڳڻيون دنبوري تي ڳائڻ جو به تجربو ڪيو. فقيراڻي طبيعت سبب فقط ڳوٺاڻين محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو.


لفظ پرين پالاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو